حاجي علي انور کوکر

حاجي علي انور کوکر

حاجي علي انور کوکر

حاجي علي انور کوکر: مشھور سماجي ڪارڪن حاجي علي انور ولد سومر کوکر 13 جنوري 1942ع تي ڳوٺ ميڻا، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. سنڌي تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪئي. ان دوران والدين جي وفات سبب وڌيڪ پڙهي نه سگهيو. ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن جي پالنا خاطر اتان لڏي لاهوري محلي، لاڙڪاڻي ۾ مزدوري شروع ڪئي. 1969ع ۾ لاڙڪاڻي جي ڪينيڊي مارڪيٽ ۾ هن پنھنجو حجامڪو دڪان کوليو. ڪجهه عرصو درگاهه قائم شاهه بخاري جي مسجد ۾ خدمتگار ٿي رهيو، جتي گم ٿيل ٻارن جي ڳولا ۽ هٿ آيل ٻارن جي وارثي لاءِ پڙها ڏئي، ٻارن کي مائٽن سان ملائڻ ۾ مدد ڪندو هو. انسانن جي خدمت واري جذبي هيٺ هن 80ع واري ڏهاڪي ۾ ‘خدمت معصوم ويلفيئر ٽرسٽ’ جو بنياد وڌو ۽ اسٽيٽ لائيف بلڊنگ ڀرسان، پوسٽ آفس روڊ تي حجامڪي دڪان ۾ آفيس قائم ڪئي 2001ع ۾ ڊي. سي. او لاڙڪاڻي محمد عارف ٽرسٽ لاءِ 4000 فوٽ زمين ڏني، جتي هُو 10 ڪمرن تي مشتمل ادارو جوڙي يتيمن، ٻوڙن، معذورن ۽ بيواهه عورتن کي پناهه ڏيندو رهيو. جن جي کاڌ خوراڪ، ڪپڙن ۽ علاج جو به خيال رکندو هو. لاوارث ٻارن کي اتي رهائش ڏئي، پالنا ڪندو هو. هن 35 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پنھنجي والدين سان ملايو. هُو ٻارن جي ڳولا ۽ هٿ آيل ٻارن جي والدين تائين رسائيءَ لاءِ سنڌ کانسواءِ پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير تائين ويو. سندس روز جو اهو مشغلو رهيو ته اسڪولن مان موڪل وقت ٻارڙن کي حفاظت سان روڊ پار ڪرائيندو هو، جنھن ڪري ‘لاڙڪاڻي جو ايڌي’ پڻ سڏيو ويو. سندس سماجي خدمتن عيوض 23 مارچ 2003ع تي حڪومتِ پاڪستان پاران کيس صدارتي ايوارڊ ‘تمغهء امتياز’ به ڏنو ويو. هن 18 مارچ 2024ع تي چانڊڪا اسپتال، لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي. کيس وصيت موجب ‘خدمت معصوم ويلفيئر ٽرسٽ’ جي احاطي ۾ دفنايو ويو


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.01.13  عيسوي

مشھور سماجي ڪارڪن حاجي علي انور ولد سومر کوکر 13 جنوري 1942ع تي ڳوٺ ميڻا، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.


2024.03.18  عيسوي

حاجي علي انور کوکر 18 مارچ 2024ع تي چانڊڪا اسپتال، لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي. کيس وصيت موجب ‘خدمت معصوم ويلفيئر ٽرسٽ’ جي احاطي ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا جتي بخش
ثمينه وقار
عبدالتواب خان ڊاڪٽر
ڀرڪيو شيخ ٺٽو
ڏيارام گدو مل
ابوالحسن مسعودي
عصمت ڏاهري
بيگم حسن آرا
شالم عاشر زيويئر
حامد علي مرزا جسٽس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون